زيتون
Nutritional value per 100 g (3.5 oz) | |
---|---|
توانائي | 285 kJ (68 kcal) |
14.32 g | |
کنڊ | 8.92 g |
خوراڪ وارو فائبر | 5.4 g |
0.95 g | |
2.55 g | |
وٽامن | Quantity %DV† |
وٽامن اي | 4% 31 μg3% 374 μg |
[[ٿيامن | (B1)]] | 6% 0.067 mg |
[[Riboflavin|Riboflavin (B2)]] | 3% 0.04 mg |
[[Niacin|Niacin (B3)]] | 7% 1.084 mg |
[[Pantothenic acid|Pantothenic acid (B5)]] | 9% 0.451 mg |
Vitamin B6 | 8% 0.11 mg |
[[Folate|Folate (B9)]] | 12% 49 μg |
Vitamin C | 275% 228.3 mg |
Vitamin K | 2% 2.2 μg |
معدنيات | Quantity %DV† |
ڪيلشيم | 2% 18 mg |
فولاد | 2% 0.26 mg |
ميگنيشيم | 6% 22 mg |
ميگنيز | 7% 0.15 mg |
فاسفورس | 6% 40 mg |
پوٽيشيم | 9% 417 mg |
سوڊيم | 0% 2 mg |
جست | 2% 0.23 mg |
Other constituents | Quantity |
Lycopene | 5204 µg |
| |
†Percentages are roughly approximated using US recommendations for adults. Source: USDA Nutrient Database |
زيتون (Guava، اردو: امرود) هڪ ميوي ۽ ان جي وڻ جو نالو آهي. هندستاني ۾ ان کي جام ڦل يا پيارا يا سفري آم يا امرود چوندا آهن. انگريزيءَ ۾ گواوا (Guava) چون ٿا ۽ عربي ۾ جوافہ چئجي ٿو. ۽ انگريزي ۾ زیتون (Olive) سو هڪڙو ٻئي قسم جو وڻ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ ۾ نہ ٿو ٿئي، اهو يورپ جي ڏکڻ ۾ ۽ ڪن ٻين ولايتن ۾ ٿئي ٿو.[1]
تعارف
[سنواريو]ننڍي کنڊ جو زيتون يا جام ڦل اصل آمريڪا مان آيل آهي، پر ننڍي کنڊ ۾ بلڪل عام ٿي ويو آهي. اهو ننڍو وڻ ٿئي ٿو، جو وڌي وڌي پندرهن فوٽن جيڏو بہ ٿيندو آهي. آرڙھ جي ڏينھن ۾ ٻور جهلڻ لڳي ٿو، جيسين ڪ سانوڻ ۾ ڦر جهلي ٿو، جو سياري تائين هلي ٿو. موسم جي پڇاڙيءَ وارا ميوا وڏا ۽ عمدا بہ ٿين ٿا. الھ آباد ۽ ان جي آسپاس عمدي قسم جا زيتون ٿيندا آهن.[1]
پوکي
[سنواريو]پچڻ مھل هن ميوي جا دشمن گهڻا آهن. جهڙوڪ: پکي، نوريئڙا ۽ چمڙا. بھتر آهي ته پچڻ کان ٿورو اڳڀرو پٽي، ڪپڙي ۾ ڍرا ٻڌي، رکي ڇڏجن تہ ڀل اُتي پچن. هي وڻ ٻج مان ٿيندو آهي. سانوڻ جي ڏينھن ۾، ڳر سميت ٻج جو گولو زمين ۾ پوکي ڇڏجي. چڱي قسم لاءِ پيوند ڪرڻ بھتر آهي. اوڌ بہ لڳيس ٿي. جهڙيءَ طرح ڏاڙهون ۽ ڊاک بيداڻي ٿيندا آهن، تھڙيءَ طرح زيتون بہ بيداڻي ٿي سگهن ٿا.[1]
قسم
[سنواريو]ڏيھي توڙي ولايتي زيتون جا گهڻا قسم ٿين ٿا. ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا: پھريون ناسپاتي زيتون: هي وڏي ليمي جيڏو ٿئي ٿو. کل لسي ٿي ٿئيس ۽ اندران ڳر اڇي ۽ اهڙي ٿي نرم ٿئيس، جهڙو مکڻ. خوشبوءِ به گهڻي ٿي ٿئيس. ٻيو، ڪافري زيتون: هي آفريڪا مان آيل آهي. اهو مٿئين قسم کان وڏو ٿو ٿئي. شڪل بيڊولي اٿس ۽ آهي به سادو. ٽيون، صوفي زيتون: هن جو وڻ ننڍڙو ٿو ٿئي. ٻج تمام گهڻو ۽ ميوو اندران ڳاڙهو ٿو ٿئيس. هن کي ڳاڙهو زيتون به چوندا آهن. چوٿون، واڱڻائي زيتون: هن کي چيني زيتون بہ چوندا آهن، جو اصل انهيءَ ملڪ جو آهي. هي وڻ ڏهن کان ويھن فوٽن جيڏو ٿو ٿئي. پن ڪارا ۽ گهاٽا ٿا ٿينس. قد ۾ وڏي زردالوءَ جيڏو ٿو ٿئي. هي وڻ هندستان ۾ گهٽ آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ.