مواد ڏانھن هلو

واپرائيندڙ:مھتاب احمد سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آئون مھتاب احمد آھيان. منھنجو تعلق شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ بڊي سان آھي. جڏھن تہ آگسٽ 2010ع کان آئون سکر شھر ۾ رھان پيو. مون مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ پبلڪ اسڪول سکر مان ڪئي آھي. ان کان پوءِ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي مان بيچلر آف ايجوڪيشن [بي.ايڊ (آنرس)] چئن سالن جي ڊگري ڪئي آھي. آئون لاھور شھر ۾ سينٽرل سپرير سروسز (سي ايس ايس) ۽ پراونشل مينجمينٽ سروسز (پي ايم ايس) جي امتحانن جي تياري ڪري چڪو آھيان. ٻہ دفعا سي ايس ايس امتحان ۾ ويھي چڪو آھيان.

سنڌي وڪيپيڊيا تي منھنجو سفر گمنام آئِپي سان جولاءِ 31، 2015ع تي شروع ٿيو. مونکي پھرين سنوار ياد ناھي پر عيسوي سال واري مضمون جي تخليق گهڻو ڪري پھرين تخليق ھئي. پھريان ٻہ ڏينھن گمنامي ۾ ڪم ڪرڻ بعد مجيب رحمٰن چانڊيو جي پيغام بعد ھي کاتو آگسٽ 2، 2015ع تي ٺاھيو. جنوري 2020ع تائين وڪيميڊيا جي مختلف ويبسائيٽن تي آئون ڪيتريون ئي سنوارون ڪري چڪو آھيان. سنڌي وڪيپيڊيا تي محترم انتثار علي کان بعد سڀ کان گهڻيون منھنجون سنوارون آھن. گوگل ترجمي جي حوالي سان بہ منھنجو نالو دنيا جي مک 20 ڄڻن ۾ مارچ 2020 تائين ايندو رھيو، جتي پڻ آئون ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رھندو آھيان. سنڌي ٻوليءَ سان منھنجي بي پناھ محبت آھي ۽ اميد ڪريان ٿو تہ اھا مرڻ گھڙي تائين رھندي ۽ آئون پنھنجي ٻولي جي ترقي لاءِ ھر ممڪن ڪم ڪندو رھندس.

جنوري 2020ع کانپوءِ مان وڪيپيڊيا ۽ گوگل تي پنھنجيون سرگرميون عارضي طور بند ڪري ڇڏيون، ڇو جو مون کي ملازمت جي لاءِ تياري ڪرڻي ھئي تہ جيئن مان پنھنجي گهر، پنھنجي ڳوٺ ۽ پنھنجي معاشري لاءِ ڪجهہ ڪري سگهان. ساڳيون ئي سرگرميون پر ڪجهہ گهٽ جوش سان ھن مھيني (مارچ 2024ع) ۾ بحال ڪجن ٿيون. ھن وقت آئون بطور ليڪچرر سبجيڪٽ ايجوڪيشن گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر ۾ جولاءِ 2023ع کان ڪم ڪري رھيو آھيان.

ھي واپرائيندڙ وڪيپيڊيا تي 9 سالن، 3 مھينن ۽ 10 ڏينھن کان آھي.
هي واپرائيندڙ وڪيپيڊيا ايشيائي مھيني ۾ ڀاڱيدار آهي.