مواد ڏانھن هلو

امپريس مارڪيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ايمپريس مارڪيٽ
Empress Market
بازار
ڪراچي، سنڌ جي سڀ کان پراڻي مارڪيٽ، جيڪا ڪراچي جي دل، صدر ۾ واقع آهي.
ڪراچي، سنڌ جي سڀ کان پراڻي مارڪيٽ، جيڪا ڪراچي جي دل، صدر ۾ واقع آهي.
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
شهر ڪراچي
ٽائون صدر ٽائون

ایمپريس مارڪيٽ (Empress Market) انگريزن جي دور جو يادگار آهي ۽ ڪراچيءَ جي مرڪز ۾ واقع آهي. ڪراچيءَ جي هن وڏي مارڪيٽ جي بنياد جو پٿر سال 1884ع ۾ رکيو ويو ھو پر پيسن جي نہ ھجڻ سبب ڪم جي شروعات سال 1889ع ۾ مڪمل ٿي. ھن جو نقشو جيمس اسٽريچن جو ٺاھيل، تعمير گوٿڪ طرز جو ھو. مارڪيٽ جو دروازو، مھاڙيءَ طور پريڊي اسٽريٽ طرف 231 فوٽ اوچو آھي. ان جي چوڌاري چار گيلريون، ھر ھڪ 40 فوٽن جي ٺھيل آھي. وچون حاطو 130x100 فوٽن جو آھي. بالڪونيءَ کي پٿر جون گهوڙيون ڏنل آھن، جنھن تي ڪيترائي نقش نڪتل آھن. مارڪيٽ جو وچون ٽاور 140 فوٽ اوچو آھي. جنھن تي خوبصورت گھڙيال لڳل آھي، جيڪو چوويھ ڪلاڪ ھلندو رھي ٿو. ھي گهنٽا گهر ڪرافورڊ بمبئيءَ واري گھڙيال گھر کان 12 فوٽ اوچو آھي. ھتي ھڪ باغ بہ ٺاھيو ويو ھو، جيڪو ھينئر اسٽال ھڻندڙن جي قبضي ۾ اچي ويو آھي. ايمپريس مارڪيٽ جي ٺھڻ کان پوءِ ھي ڪراچيءَ جي ستن مارڪيٽن مان ھڪ ھئي. ھتي ڪل 280 دڪان ٺاھيا ويا ھئا.[1]

حوالا

[سنواريو]